حـزب الله آءِ

حـزب الله آءِ

حزب الله آءِ سومرو

حـزب الله آءِ. سـومـرو: اديــب ۽ ليکڪ، حزب الله ولد الاهي بخش سومرو المعروف حزب الله آءِ. سومرو، 15 مئي 1966ع تي ڦل واهڻ، تعلقي ۽ ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي، بي. ايڊ آهي. 1987ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن لکڻ جي شروعات 1978ع کان ٻاراڻن رسالن: ’گل ڦل‘ ۽ ’گلڙا‘ کان ڪئي.
ســندس هيـٺيـان ڪـتاب ڇپيـل آهـن: (1) اقــوال خـلـفـاءِ راشـديـن، (2) شـناختي ڪارڊ ۾ مذهب جو خانو، (3) ڏند نه ڇيڪ (لطيفا: ٻه ڇاپا)، (4) ڏنـد نه ڇـيــڪ (مزاحيه شاعري: ٻه ڇاپا)، (5) شـاهـه عـثمـان قـريـشــي، (6) اسلام تي اعتراضن جي ڇنڊڇاڻ، (7) تنقيدي جائزا، (8) سچل جو فڪر.
حزب الله سومرو، ’روشني‘، ’ارم‘، ’ڏات‘، ’سومرا‘، ’استاد‘، ’نقاد‘، ’سرجڻهار‘ ۽ ’آواز‘ رسالن جو مرتب ۽ انهن جي سهڪاري سٿ جو ميمبر رهيو آهي. ’ڪُــوڪ‘ پـبليـڪيـشـن ۽ ’عــلــم دوسـت ادبـي سـنگـت‘ جو باني چيئرمئن، آل سنڌ مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن ضلعي خيرپور جو پريس سيڪريٽري، تنوير عباسي يادگار ڪميٽيءَ جو خزانچي، سچل يادگار ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سومرا ادبي سنگت جو باني رهيو آهي.
سندس تنقيدون ۽ ڪالم اڪثر اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهندا آهن. سندس هيٺيان ڪتاب جهڙوڪ: ’خيرپور تاريخ جي آئيني ۾‘، ’راءِ دور تاريخ جي آئيني ۾‘، ’نصابي تنقيدون‘ ۽ ’ادبي تنقيدون‘ ڇپائيءَ هيٺ آهن.
هن کي ضلعي حڪومت خيرپور، سنڌي ادبي سنگت ڪولاب جيئل ۽ ايف. ايم. 92- خيرپور طرفان بهترين استاد، نقاد ۽ محقق جا اوارڊ ملي چڪا آهن.
حزب الله آءِ. سومري جي مستقل رهائش سومرا محلا، نزد ماچيس فيڪٽري، خيرپور ميرس ۾ آهي


لفظ حزب الله آءِ سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.05.15  عيسوي

اديــب ۽ ليکڪ، حزب الله ولد الاهي بخش سومرو المعروف حزب الله آءِ. سومرو، 15 مئي 1966ع تي ڦل واهڻ، تعلقي ۽ ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه پور اعظم
دين محمد سيد
سيد وريل شاهه
عبدالفتاح ميمڻ 2
پلي وڏيرو عبدالحڪيم
پير حسن آري
خيار لهڙي
الهداد راهو
ڇٽو ٻلال
طاهره واسطي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون